تارا چند

تارا چند (گويو ): تارا چند پٽ چوهڙ مل 1909ع تي ڳوٺ سيتا، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. مشهور گويي عالم شاهه جو دوست ۽ هم عمر هو ۽ پنهنجي وقت جو مشهور گويو ٿي گذريو آهي. ماڻهو کيس اڪثر ڪري تارو گويو ڪري سڏيندا هئا. هو سارنگيءَ ۽ هارمونيم جو ماهر وڄتو هو. هو ڪڏهن مقامي گويي عالم شاهه سان جوڙ ۾ ته ڪڏهن اڪيلو به ڳائيندو هو. جڏهن عالم شاهه 1942ع ۾ وفات ڪئي ته تارو سندس جدائيءَ جو دک سهي نه سگهيو ۽ ڳائڻ ڇڏي ڏنائين. 1947ع جي ورهاڱي واري وقت هندستان هليو ويو.


لفظ تارا چندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو